ماڻهن سول ايويئيشن جي زمين تي قبضا ڪري ورتا آهن:سپريم ڪورٽ

ڪراچي: سپريم ڪورٽ طرفان سي اي اي جي زمين ٻين کي الاٽ ٿيڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران ڊي سول ايويئيشن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي، عدالت جو چوڻ آھي تھ ماڻهن سول ايويئيشن جي زمين تي قبضا ڪري ورتا آهن، توهان جي جاين تي شادي هالز هلن ٿا، توهان کي شادي هال هلائڻ لاءِ زمين گهرجي، فوري طور اها زمين واپس ڪريو

عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو ايئرپورٽ ايئن ڪم ٿو ڪري، ڄڻ سئو سال پراڻو هجي، توهان ڪراچي ايئرپورٽ تان سڄي ٽرئفڪ ڀڄائي ڇڏي، جڏهن وڃون ته رڳو 2 جهاز بيٺل هوندا آهن، زمين مالڪن کي واپس ڪريو

ايئرپورٽ هلائڻ توهان جي وس ۾ نه آهي، مذاق بڻائي ڇڏيو اٿئو، اوهان دنيا جي اڳيان تماشو بڻائي ڇڏيو آهي، توهان جي ڪارڪردگي ٻُڙي آهي، سول ايويئيشن اٿارٽي هلائڻ بدران ڪجهه ٻيو ڪري رهيا آهيو، عدالت ڊي جي سي اي اي ۽ بورڊ آف روينيو جي عملدارن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔