ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

شارجا: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 135 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
شارجا ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏيندي ڪيوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسن تائين محدود رهي.
نيوزيلينڊ طرفان ڪونوي ۽ مچل 27-27 رنسن سان اڳڀرا رهيا،جڏهن ته ڪپتان ڪين وليمسن 25، مارٽن گپٽل 17، گلين فلپ 13 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان حارث رئوف بهترين بالنگ ڪندي 4 اوورن ۾ 22 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔