اسلام آباد ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ ٽي هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هلندڙ سيزن جي دوران ڊينگي سبب متاثر مريضن جو انگ 3000 کان وڌي ويو آهي.
ڊي ايڇ او اسلام آباد ڊاڪٽر ضعيم ضياءَ موجب گذريل ڏينهن ڊينگي جا وڌيڪ 91 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ ڊينگي سبب متاثر مريضن جو گڏيل انگ 3083 ٿي ويو آهي.
اسلام آباد جي ٽوٽل ڪيسز مان 1824 جو تعلق ڳوٺن، جڏهن ته 1259 جو شهري علائقن سان آهي. هلندڙ سيزن جي دوران ڊينگي جا سڀني کان وڌيڪ 757 ڪيسز هولي فيملي اسپتال راولپنڊي ۾ 37 مريض آندا ويا.
ان کان علاوه نجي اسپتالن، ليبارٽريز ۾ به 1400 کان وڌيڪ مريضن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي. واضح رهي ته اسلام آباد ۾ ڊينگي سبب هينئر تائين 11 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔