آريان خان 80 هزار جي ڀنگ گهرائي، اننيا ۽ آريان جي چيٽ ليڪ!!

ممبئي : منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪنگ خان شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان ۽ اداڪاره ننيا پانڊي جي واٽس ايپ چيٽ ليڪ ٿي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اسٽار ڪڊذ ڀنگ سميت ٻي منشيات بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. واٽس ايپ چيٽ ۾ آريان خان، اچيت ڪمار نالي همراهه کان 80 هزار ڀارتي رپين جي ڀنگ گهرائي. رپورٽس موجب اهي چيٽس جولاءِ 2019ع جون آهن، انهن چيٽس ۾ آريان خان ۽ اننيا پانڊي ڀنگ سميت ٻي منشيات جي باري ۾ ڳالهايو.

پهري ليڪ چيٽ:

آريان: وِيڊ؟

اننيا: اها اڄڪلهه ڊمانڊ ۾ آهي.

آريان: آئون توکان ڳجهي نموني وٺي وٺندس

اننيا: ٺيڪ آهي.

ٻي ليڪ چيٽ:

اننيا: هاڻي مان ان ڪاروبار جو حصو آهيان.

آريان: تون ڀنگ وٺي آئي آهين؟

آريان: اننيا؟

اننيا: مان کنيو پئي اچان.

رپورٽس ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته 18 مئي 2021ع تي ٿيل هڪ ٻي چيٽ ۾ آريان پنهنجي ٻن دوستن سان گڏ ڪوڪين جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي ۽ نارڪوٽڪس بيورو جو مذاق اڏايو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔