شوپيان: ڀارتي فورسز هٿان ڪشميري شهري شهيد

والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فورسز جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، جنهن دوران معصوم ڪشميرين کي لڳاتار شهيد ڪيو پيو وڃي.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي ڪندي هڪ وڌيڪ شهري کي اڄ شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪي ايم سي جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير جي ضلعي شوپيان ۾ ڀارتي فورسز ان شهري کي شهيد ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن حريت فورم 27 آڪٽوبر تي وادي ۾ مڪمل هڙتال ۽ بليڪ آئوٽ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔