ايراني سپريم ليڊر ساڍن ٽن هزار قيدين جون سزائون گهٽ يا معاف ڪري ڇڏيون

تهران : ايران جي اعليٰ ترين اڳواڻ آيت الله علي خامنه اي ملڪي جيلن ۾ قيد تقريبن ساڍن ٽن هزار ماڻهن جون سزائون گهٽ يا معاف ڪري ڇڏيون.
اهڙو اعلان خامنه اي جي ويب سائيٽ تي هڪ بيان ۾ ڪيو ويو.
انهن 3 هزار 458 قيدين کي ايراني عدالتن مختلف ڏوهن ۾ قيد جون سزائون ٻڌايون هيون.
قيدين لاءِ اهڙي معافي جو اعلان ايران ۾ اڄ آچر ڏينهن ملهائي ويندڙ امام جعفر صادق عليه السلام جي ولادت جي خوشي ۾ ڪيو ويو.
واضح رهي ته جولاءِ جي آخر ۾ به ايراني سپريم ليڊر 2 هزار 800 کان وڌيڪ قيدين جون سزائون گهٽ يا معاف ڪيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔