پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ ڀارت کي تاريخي شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ ڀارت کي تاريخي شڪست ڏئي ڇڏي
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پاڪستان ڀارت کي ھڪطرفي مقابلي بعد 10 وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي
دبئي ۾ کيڏي ويندڙ پاڪ ڀارت ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم ٽاس کٽي ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، ڀارت پھريان کيڏيندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 151 رنسون ٺاھيون، جواب ۾ پاڪستان 152 رنسن جو ھدف بنا ڪنھن نقصان جي ارڙھين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو
ڀارت جي اننگز
پاڪستاني بالرن ميچ ۾ شاندار آغاز ڪيو ۽ پھرئين اوور ۾ شاھين شاھھ آفريدي ڀارتي اوپر روھت شرما کي ٻڙي تي آئوٽ ڪيو
ڪي ايل راھول 3 رنز ٺاھي شاھين آفريدي جو شڪار بڻيو، ڀارت جي ٽئين وڪيٽ 31 رنسن تي ڪري جڏھن حسن علي سوريا ڪمار کي آئوٽ ڪيو
انھيءَ کانپوءِ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوھلي ۽ وڪيٽ ڪيپر رشبھ پنٽ جي وچ ۾ 53 رنسن جي شرڪت ٿي تھ ڀارتي ٽيم جو اسڪول 84 رنسن تي پھتو تھ رشبھ پنٽ 39 رنسن ٺاھي شاداب خان جو شڪار بڻيو
انھيءَ جي علاوھ رويندرا جڊيجا 13 ۽ ھاردڪ پانڊيا 11 رنسون ٺاھي سگھيو
ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 151 رنز ٺاھيون
ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوھلي 57 ۽ رشبھ پنٽ 39 رنسون ٺاھيون
پاڪستان طرفان شاھين شاھھ آفريدي 3، حسن علي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏھن تھ شاداب خان ۽ حارث رئوف ھڪ ھڪ کلاڙي کي آئوٽ ڪيو
پاڪستان جي اننگز
ڀارت جي 152 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني اوپنرز جاندار انداز نڀائيندي بيٽنگ جو آغاز ڪيو
پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان گرائونڊ جي چئني طرف دلڪش اسٽروڪ کيڏيا ۽ رنسن جي شانداز گڏيل شرڪت قائم ڪئي ۽ ڀارتي بولرز کي وڪيٽ وٺڻ جو موقع نھ ڏنو
محمد رضوان شاندار بيٽنگ ڪندي 78 رنسون ٺاھيون جڏھن تھ بابر اعظم 68 رنسن جي اننگز کيڏي
ياد رھي تھ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ پھريون ڀيرو ڀارت کي شڪست ڏني
ٽاس جي موقعي تي پاڪستان جي ڪپتان بابر اعطم چيو تھ ميچ ۾ ڊيو فيڪٽر اثر انداز ٿيندو انھيءَ جي لاءِ پھريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔