آريان اننيا سان واٽس ايپ چيٽ معاملي تي هاءِ ڪورٽ ۾ وضاحت پيش ڪري ڇڏي

ممبئي: منشيات ڪيس ۾ گرفتار شاهه رخ خان جي پٽ آريان هاءِ ڪورٽ ۾ داخل اپيل ۾ واٽس ايپ چيٽ بابت وضاحت پيش ڪري ڇڏي آهي.
آريان جي وڪيلن خصوصي عدالت طرفان ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ جو رخ ڪيو جنهن جا تفصيل به ڀارتي ميڊيا جاري ڪري ڇڏيا آهن.
آريان خان پنهنجي وڪيل جي حوالي سان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جاچ آفيسر طرفان ان جي واٽس ايپ چيٽس جهڙي طرح سان پيش ڪئي وئي آهي اها بلڪل غلط آهي. اين سي بي اهڙو ان لاءِ ڪيو ته جيئن انهن کي منشيات ضبط ڪرڻ جي معاملي ۾ ملوث قرار ڏئي سگههجي.
هن اپيل ۾ وڌيڪ چيو ته اين سي بي جنهن واٽس ايپ چيٽ کي بنياد بنايو اصل ۾ اها پراڻي چيٽ آهي. ڪهڙي به طرح ان مبينه واٽس ايپ چيٽس کي ڪنهن سازش سان نٿو جوڙي سگهجي.
واضح رهي ته 20 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي تي اين سي بي طرفان عدالت ۾ آريان ۽ اداڪاره اننيا پانڊي جي واٽس ايپ چيٽ پيش ڪئي وئي هئي جنهن م انهن ٻنهي منشيات بابت ڳالهيون ڪيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔