سردار چانڊيو ڌر هر ٻڌڻي تي بهانو ڪري ڪيس کي اينگهائي رهي آهي: ام رباب

دادو: دادو جِي عدالت ۾ اُم رباب جَي ٽن گهر ڀاتين جَي قتل ڪيس جِي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ اُم رباب، سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيوعدالت ۾ پيش ٿيا

عدالت جوابدارن جَي وڪيلن جي غير حاضري سبب ٻڌڻي 12 نومبر ۽ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 29 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي

عدالت ٻاهران ميڊِيا سان ڳالهائيندي اُم رباب چيو آهي ته سردار چانڊيو ڌر ڪيس کي اينگهائي رهي آهي، ٿريٽس هُجڻ باوجود انصاف لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهيان، سردار وارا هر حاضري تي وڪيل نه هئڻ جو بهانو ڪري نئين تاريخ وٺي عدالت جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔