آپگهات يا قتل؟، مٺي عدالت پاران ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

مٺي: مٺي جي عدالت مبينا ڦاهو کاڌل 22 سالن جي نوجوان ناري مومل سوٽھڙ جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نوجوان ناري مومل سوٽھڙ زال دليپ سوٽھڙ جو ڪجهه ڏينهن اڳ ساهرن جي گهر ۾ ٽنگيل لاش مليو هو، ساهرن واقعي کي آپگهات ۽ ناري جي مائٽن قتل قرار ڏنو هو

پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار تي ناري جي پيءُ کيتو سوٽھڙ ساهرن تي قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي

عدالت درخواستگذار جي استدعا منظور ڪندي پوليس کي ناري جي ساهرن مٿان قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي

ناري جي والد کيتو سوٽھڙ جو چوڻ آهي ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران معاملي کي لئي مٽي ڪري رهي هئي، ان ڪري عدالت معرفت ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست ڏني.

هن چيو ته ڌيءَ کي ساهرن قتل ڪري لاش وڻ ۾ ٽنگي خودڪشي جو ڊرامو ڪيو، ايماندار پوليس آفيسر کان جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔