موجوده حڪومت ۾ 27 ارب ڊالر قرض، هر شهري 1 لک 88 هزار رپين جو قرضي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ وفاقي حڪومت ٽن سالن دوران ملڪ مٿان رڳو پرڏيهي قرضن ۾ 27 ارب ڊالرن جو اضافو ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ملڪ مٿان جون 2021ع تائين قرض وڌي 39 هزار 859 ارب ٿي ويا آهن، جنهن ڪري پاڪستان جو هر شهري هڪ لک 88 هزار جو قرضي ٿي ويو آهي،اپريل کان جولاءِ 2020ع دوران 2 ڪروڙ 6 لک ماڻهو بيروزگار ٿيڻ جو به اعتراف ڪيو ويو.

ڪالهه ناڻي وزارت پاران سوالن جا جواب ڏيندي قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته جون 2021ع تائين پاڪستان مٿان ڪل قرض 39 هزار 859 ارب رپيا هو، ملڪ جي آبادي 21 ڪروڙ 19 لک 30 هزار آهي، ان حساب سان پاڪستان جو هر شهري هڪ لک 88 هزار رپين جو قرضي آهي، ناڻي وزارت پيپلزپارٽي جي ميمبر شازيه اسلم سومرو جي سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي اهو به ٻڌايو آهي ته موجوده حڪومت جي اچڻ کان اڳ جون 2018ع جي آخر تائين پاڪستان مٿان ڪل پرڏيهي قرض 95 ارب ڊالر هو جيڪو جون 2021ع جي آخر تائين پاڪستان مٿان پرڏيهي قرض وڌي 112 ارب ڊالر ٿي ويو آهي، اهڙي حساب سان وفاقي حڪومت ٽن سالن ۾ پاڪستان مٿان رڳو 27 ارب ڊالرن جي غير ملڪي قرض ۾ اضافي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ناڻي وزارت قومي اسيمبلي کي لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ اهو به اعتراف ڪيو ته هلندڙ مالي سال دوران ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ڊالر 157.54 رپين کان وڌي 172.78 رپين تي پهتو آهي،

ناڻي وزارت اهو به اعتراف ڪيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2 ارب 29 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، جيڪو گذريل سال جي پهرين ٻن مهينن دوران 82 ڪروڙ 80 لک ڊالر سرپلس ۾ هو. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پاران حڪومت ۾ اچي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي ڪيل اعلان وارو مامرو قومي اسيمبلي ۾ پهچي ويو آهي، ڪالهه ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي شازيه مري جي سوال جو لکت ۾ جواب پيش ڪندي رٿابندي جي وزير اسد عمر قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته نوجوانن کي روزگار جي فراهمي هڪ وڏو چيلينج آهي‏، پر موجوده حڪومت جي ايجنڊا ۾ روزگار جي فراهمي ترجيحي بنيادن تي شامل آهي، ليبر سروي 19-2018ع مطابق موجوده حڪومت جي پهرين سال دوران ڪل 23 لک 20 هزار ملازمتون پيدا ٿيون،

ڪورونا ۽ معاشي اثرن جي جائزي لاءِ ٿيل خصوصي سروي ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته اپريل کان جولاءِ 2020ع دوران 2 ڪروڙ 6 لک ماڻهو پنهنجو روزگار وڃائي ويٺا، جن مان آگسٽ کان نومبر 2020ع دوران هڪ ڪروڙ 84 لک ماڻهن پنهنجي روزگار تي لڳي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت معاشي سرگرمين ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ مختلف قدم ۽ پيڪيجز متعارف ڪرايا آهن، هن وقت ليبر سروي لاءِ ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي جيڪا سروي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويندا. ياد رهي ته سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پريس ڪانفرنس ڪري دعويٰ ڪئي هئي ته وفاقي حڪومت هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ نوڪريون ڏئي چڪي آهي پر قومي اسيمبلي ۾ ڪالهه رٿابندي جي وزير پاران پيش ڪيل لکت ۾ جواب سڌ سماءَ جي وفاقي وزير جي دعويٰ کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔