شوڪت ترين آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ختم ڪرڻ بنا آمريڪا مان کِسڪي ويو

اسلام آباد: ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ختم ڪرڻ بنا ئي واشنگٽن مان روانو ٿي ويو.

شوڪت ترين آڪٽوبر جي منڍ ۾ واشنگٽن پهتو هو ۽ 10 ڏينهن کانپوءِ 15 آڪٽوبر تي نيو يارڪ روانو ٿي ويو هو، کيس اتان لنڊن روانو ٿيڻو هو پر هو اڱاري تي واپس واشنگٽن پهتو، ڇو ته آءِ ايم ايف جي عهديدار چيو هو ته ڳالهين ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي آهي.

اربع جي شام تائين پاڪستاني وفد کي هاڪاري نتيجي جي اميد هئي ۽ ان ميڊيا سان سٺي خبر شيئر ڪرڻ لاءِ خميس جي صبح نيوز بريفنگ به شيڊيول ڪئي هئي پر ان ئي رات وفد ميڊيا کي بريفنگ رد ٿيڻ جو پيغام موڪلي ڇڏيو.

خميس ڏينهن شوڪت ترين نيو يارڪ مان عالمي اڏام پڪڙيندي خاموشي سان واشنگٽن مان ٽرين ذريعي روانو ٿي ويو.

هو امڪاني طور تي وزيراعظم جي سعودي عرب دوري ۾ ان سان گڏ هوندو.

رپورٽن موجب مالياتي اداري سان 6 ارب ڊالر جي قرض سهولت جي بحالي لاءِ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ خاطر ناڻي وارو سيڪريٽري واشنگٽن ۾ ئي موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔