وزيراعظم سڀاڻي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو.

پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان سڀاڻي سعودي جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو، هن سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن جو وفد شامل هوندو.

پرڏيهي آفيس جي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي، ان دوري دوران هو سعودي قيادت سان ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي هٿي جي حوالي سان تقريب ۾ به شرڪت ڪندو.

وزيراعظم عمران خان مڊل ايسٽ گرين انيشيٽيو جي لانچنگ تقريب ۾ شرڪت ڪندو، جتي هو ماحولياتي تبديلين بابت ڳالهائيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔