خواجا آصف اسٽيٽ بينڪ جي گورنر تي ڏمرجي پيو

اسلام آباد: مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر خواجا آصف اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر تي مڇرجي پيو.

خواجا آصف چيو ته اسٽيٽ بينڪ جو گورنر آءِ ايم ايف جو نمائيندو آهي، هن پهريان مصر جو ٻيڙو ٻوڙيو هاڻ پاڪستان کي ڏيوالو ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جو گورنر چئي رهيو آهي ته رپئي جو قدر گھٽجڻ سان اوورسيز پاڪستان کي فائدو پهتو، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جو ڇا ٿيندو اهو نه سوچو.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ڪنٽينر تي بيهي چوندو هو ته ڊالر تي هڪ رپيو وڌڻ سان ملڪ جو قرض وڌي ويندو آهي ته اڄ ته ڊالر جي قيمت ۾ روز واڌ ٿي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔