ڀارتي رياست گجرات ۾ ستر سالن جي جهوني عورت ٻار کي جنم ڏنو

نئين دهلي: ڀارتي رياست گجرات جي ضلعي ڪڇ ۾ 70 سالا عورت هڪ ٻارڙي کي جنم ڏنو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب جيون بين رباري نالي عورت ويٽروفرٽيلائزيشن(آءِ وي ايف) ٽيڪنالاجي ذريعي پهرين ٻارڙي کي جنم ڏنو. عورت جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر نريش بهانوشالي ٻڌايو ته جڏهن عورت پهريون ڀيرو اسان وٽ آئي هئي ته اسان کيس ٻڌايو ته ايڏي وڏي عمر ۾ ٻار جي پيدائش ناممڪن آهي. پر هن زور ڏنو ته مون کي ٻارڙو گهرجي. هن عمر ۾ بنا ڪنهن پيچيدگي جي ٻار ڄڻڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي.
ڊاڪٽر نريش وڌيڪ ٻڌايو ته عورت جي وڏي ڄمار جي ڪري ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏو غور ويچار ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ڪيس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي زال مڙسن کي ٻار پيدا ڪرڻ جي وڏي خواهش هئي ۽ ٻئي زال مڙس وڏي وقت کان ٻار لاءِ سڪي رهيا هئا.
ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته ٻارڙو صحتمند ۽ تندرست آهي جڏهن ته ان جي ماءُ جيون بين رباري جي طبيعت به هاڻ ڪافي بهتر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔