معيشت تيزيءَ سان مضبوط ٿي رهي آهي: اسد عمر

اسلام آباد: رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته معيشت تيزيءَ سان مضبوط ٿي رهي آهي، بجلي پيداوار ۾ 7 سيڪڙو واڌ ٿي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته سيپٽمبر ۾ بجلي جي پيداوار ۾ گذريل سال سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو واڌ ٿي، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۽ برآمدي پيدوار ۾ واڌ ٿي آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪمند ۽ ڪپهه جي فصل جون شروعاتي رپورٽون به تمام هاڪاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔