لانگ مارچ به ٿيندو ۽ هن حڪومت کي وڃڻو به پوندو: پيپلز پارٽي

اسلام آباد: پ پ اڳواڻن قمر زمان ڪائرا ۽ نيئر بخاري چيو آهي ته خورشيد شاهه جي ضمانت ملڪ ۾ سڀني جمهوريت پسندن کي مبارڪ هجي، لانگ مارچ به ٿيندو ۽ هن حڪومت کي وڃڻو به پوندو.

سپريم ڪورٽ ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي قمر زمان ڪائرا ۽ نيئر بخاري چيو ته جيئن خورشيد شاهه جي ضمانت ٿي، ائين ڪيس به ختم ٿي ويندو، خورشيد شاهه کي پ پ سان وفا جي سزا ملي رهي آهي، جمهوري ڪارڪن کي سزا ڏني پئي وڃي، اهي آواز دٻائڻ جون ڳالهيون آهن، اسان پنهنجي رستي تان نه هٽنداسين ۽ عدالت ۾ به بي ڏوهه ثابت ٿينداسين.

هنن چيو ته ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني جو دور ضرور ايندو، پ پ الله جي اشاري ۽ عوامي نعرن تي هلندي آهي، سڀ کان اڳ ۾ پ پ عوام لاءِ آواز اٿاريو.

سندن وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي 25 مارچ جي لانگ مارچ کي ڪنهن روڪيو؟ جيڪڏهن لانگ مارچ ٿي وڃي ها ته هيءَ حڪومت ايوان ۾ نه هجي ها، لانگ مارچ به ٿيندو ۽ هن حڪومت کي وڃڻو به پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔