اٽي کنڊ، دال ۽ گيهه تي عوام لاءِ وڏو رليف آڻي رهيا آهيون: فواد چوڌري

اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته صحت، تعليم ۽ چار بنيادي ضرورت وارين شين جنهن ۾ اٽو، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون.
سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته ڪوڙين خبرن جي حوالي سان قانون ٺاهي ڪابينه جي حوالي ڪيو ويو آهي. 2018 کان چئي رهيو آهيان ته بنيادي سياسي اصلاحن کان سواءِ ملڪ اڳيان نٿو وڌي سگهي. ميڊيا ۽ عدالتي اصلاحات لازمي آهن.
فواد چوڌري چيو ته صحت، تعليم ۽ چار بنيادي ضرورت واريون شيون جنهن ۾ اٽو، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون. خيبرپختونخواهه کان پوءِ هاڻ پنجاب جو هر خاندان 10 لک روپين تائين هر سال صحت ڪارڊ جي ذريعي حاصل ڪري سگهندو. اهو پروگرام ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو ۽ مارچ تي سموري پنجاب کي صحت ڪارڊ ملي ويندا.
فواد چوڌري ٻڌايو ته هن گيم چينجر پروگرام جي ذريعي هاڻ بهترين علاج غريب ترين ۽ وچولي طبقي تائين هر ماڻهو کي ملي سگهندو. صحت ڪارڊ اوهان پنهنجي مرضي سان ڪنهن به ڊاڪٽر يا اسپتال ۾ استعمال ڪري سگهندو. صرف سرڪاري نه پر پرائيويٽ ڊاڪٽر ۽ اسپتالون به اوهان جو علاج بنا معاوضي جي ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔