لاهور ۾ ڊينگي وگهي وڌيڪ هڪ مريض فوت، 350 کان وڌيڪ نوان مريض رپورٽ

لاهور: پنجاب ۾ هن سال ڊينگي سبب هينئر تائين 25 مريض فوت ٿي چڪا آهن. ان حوالي سان پنجاب جي صحت کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ ڊينگي جا 477 نوان مريض رپورٽ ٿيا آهن جنهن مان 354 مريض لاهور مان رپورٽ ٿيا.
گذريل ڏينهن راولپنڊي مان ڊينگي جا 38 مريض رپورٽ ٿيا آهن. صوبائي صحت کاتي جي اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هلندڙ سال سموري پنجاب ۾ هينئر تائين ڊينگي جا 8882 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن مان 3476 ڪيسز سامهون آيا آهن.
پنجاب جي صحت کاتي موجب گذريل ڏينهن ڊينگي بخار وگهي لاهور ۾ هڪ مريض فوت ٿيو جنهن کان پوءِ هلندڙ سال سموري پنجاب ۾ ڊينگي وگهي فوت ٿي ويل مريضن جو انگ 25 ٿي ويو آهي. صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سموري صوبي جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 2311 مريض داخل آهن.
لاهور جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 1324 مريض داخل آهن جڏهن ته لاهور کان علاوه صوبي جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 987 مريض داخل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔