پابندي مڙهيل ٽي ايل پي جو مارچ ۽ امڪاني احتجاج، اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا سيل، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

اسلام آباد: پابندي مڙهيل پارٽي ٽي ايل پي جي لاهور کان اسلام آباد تائين مارچ ۽ امڪاني احتجاج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ۽ مري روڊ سميت اهم روڊن کي ڪنٽينرز ۽ رنڊڪون بيهاري بند ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب پابندي مڙهيل ٽي ايل پي طرفان جمعي جي نماز کان پوءِ لاهور کان اسلا آباد طرف مارچ جو سڏ ڏيڻ کان پوءِ جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ اسلام آباد ويندڙ رستن کي ڪنٽينرز ۽ ڪنڊيدار تارن جي ذريعي سيل ڪيو ويو آهي. راولپندي ۾ مريڙهه چوڪ کان فيض آباد انٽرچينج مري روڊ، اندرون شهر سان لاڳاپيل روڊن کي ملائيندڙ لنڪ روڊز کي رنڊڪون بيهاري بند ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته شمس آباد ۽ فيض آباد کان اسلام آباد کي ملائيندڙ رستو ڪنٽينر بيهاري مڪمل سيل ڪيو ويو آهي. جڳهه جڳهه تي رنڊڪن سبب اسڪول، ڪاليج ۽ آفيس ڏانهن ويندڙ شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي اهڙي طرح ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم روڊن ۽ ميٽرو اسٽيشن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔