پي ڊي ايم اڄ سموري ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪندي

اسلام آباد: پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) اڄ سموري ملڪ ۾ مهانگائي جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪندي. تفصيل موجب سموري ملڪ ۾ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي طرفان مهانگائي جي خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ريلين جي شروعات ڪئي وئي آهي.
20 آڪٽوبر تي به مسلم ليگ(ن) راولپنڊي ۾ پنهنجو طاقت جو مظاهرو ڪيو هو. اهڙي تسلسل کي برقرار رکندي پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ اڄ سموري ملڪ ۾ مهانگائي جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪندي. لاهور، پشاور، سرگودها، خوشاب، ميانوالي، بهکر، جهنگ، جوهر آباد سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.
مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب موجب لاهور ۾ جين مندر چوڪ کان جمعي جي نماز کان پوءِ احتجاجي جلوسن جي شروعات ٿيندي. ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ کان 3 وڳي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. ميانوالي، بهکر ۾ 24 آڪٽوبر تي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ترجمان پي ڊي ايم حافظ حمدالله چيو آهي ته صوبائي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون وينديون.
پنجاب، بلوچستان، ڪي پي، سنڌ ۽ اسلام آباد جي سطح تي ڪميٽيون هونديون. صوبائي ڪميٽيون ضلعن سان مشورا ڪري مظاهرن جي هنڌن جو تعين ڪندي. حافظ حمدالله وڌيڪ چيو ته حڪومت جي خلاف اڄ کان شروع ٿيندڙ مظاهرن جو وقت ٻن هفتن جو آهي. جيڪو وقت سان گڏ وڌائي به سگهجي ٿو. پي ڊي جي قيادت ۽ پارليامينٽ جا ميمبر مظاهرن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔