ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي 16 مريض فوت، 500 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 16 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 344 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 67 هزار 393 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ ايند آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 567 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 38 هزار 636، سنڌ ۾ 4 لک 66 هزار 845، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 77 هزار 240، بلوچستان ۾ 33 هزار 159، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 376، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 615 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 422 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.
سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 40 لک 5 هزار 357 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 39 هزار 200 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 14 هزار 663 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 704 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 16 مريض فوت ٿيا جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 344 ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ 12 هزار 883، سنڌ ۾ 7 هزار 539، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 704، اسلام آباد ۾ 938، بلوچستان ۾ 354، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 740 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔