پاڪستان دنيا جو چوٿون نمبر سڀ کان مهانگو ملڪ بڻجي ويو

مشهور عالمي رسالي دي اڪانامسٽ 43 ملڪن ۾ مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب مهانگائي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جي 43 ملڪن ۾ 43هين نمبر تي آهي. پاڪستان ۾ گذريل مهيني مهانگائي جي شرح 9 سيڪڙو رهي.

رپورٽ موجب مهانگائي جي شرح ڀارت ۾ 4.3 سيڪڙو آهي ۽ ڀارت جو نمبر 16هون آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ارجنٽائين ۾ آهي جتي مهانگائي جي شرح 51.4 سيڪڙو آهي. ٻئي نمبر تي ترڪي آهي جتي مهانگائي جي شرح 19.6 سيڪڙو آهي. برازيل 10.2 سيڪڙو سان ٽئين نمبر تي آهي. رسالي جي رپورٽ موجب جاپان ۾ مهانگائي جي شرح ڪاٽو 0.4 سيڪڙو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔