باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي،4 جوان شهيد

راولپنڊي: : باجوڙ ۾ آپريشن دوران بارودي سرنگ جو ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ ايف سي جا 2 جوان ۽ 2 پوليس اهلڪار شامل آهن.
شهيد لانس نائيڪ جي عمر 28 سال ۽ سندس تعلق ڪوهاٽ سان هو. شهيد سپاهي جمشيد جي عمر 26 سال ۽ سندس تعلق ڪراچي سان هو. پوليس ڪانسٽيبل عبدالصمد ۽ سپاهي نور رحمان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز باجوڙ واري علائقي دهرائي ۾ آپريشن ڪري رهي آهي. سيڪيورٽي فورسز پوليس سان گڏ رات دير سان آپريشن ڪيو هو.
ان حوالي سان گهرو وزير شيخ رشيد احمد سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته باجوڙ ۾ موجود دهشتگردن جي خلاف آپريشن جاري رکنداسين. ملڪ جي سلامتي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن مٿان قوم کي ناز آهي.
ياد رهي ته هنگو واي علائقي تهل ۾ گذريل ڏينهن دهشتگردن فوجي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪري 26 ساله سپاهي وقاص کي شهيد ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔