پرڏيهي وزير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ڪابل ياترا، افغان عبوري وزيراعظم سان ملاقات

ڪابل: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل فيض حميد ۽ ٻين اختيارين سان گڏ افغان راڄڌاني ڪابل پهچي افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاقات ڪئي

ڪابل ايئرپورٽ پهچڻ تي افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي، پاڪستاني سفير منصور احمد خان ۽ ٻين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ پهتل وفد جي آجيان ڪئي

پرڏيهي وزارت موجب شاهه محمود قريشي ڪابل ۾ افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاقات ڪئي، افغان عبوري حڪومت جي نائب وزيراعظم مولوي عبدالسلام حنفي شاهه محمود قريشي جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي افغان پرڏيهي وزير امير خان به موجود هو

ملاقات دوران ٻطرفي دلچسپي وارن معاملن، تجارتي ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ افغان عوام معاشي بحران مان ڪڍڻ وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ جٽادار امن جي قيام ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. پاڪستان افغان عوام جي ڏکي گهڙي ۾ هر قسم جي مدد ڪرڻ جو عزم به رکي ٿو

افغان عبوري وزيراعظم ملا حسن اخوند انساني امداد جي بروقت فراهمي تي پاڪستان جي قيادت جا ٿورا مڃيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔