گهرو وزارت پاران لاهور جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: وفاقي گهرو وزارت پاران لاهور جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.گهرو وزارت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽِي کي خط لکي انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

گهرو وزارت پاران لاهور جي علائقي سمن آباد، شيرا ڪوٽ ۽ نوا ڪوٽ ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.هن کان علاوه گلش راوي، سبزه زار ۽ اقبال ٽائون ۾ به فوري طور تي انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

گهرو وزارت طرفان انٽر نيٽ جي بندش جي هدايت لاهور ۾ هڪ ڪالعدم جماعت پاران احتجاج جي ڪري ڪئي وئي.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔