آرمي چيف سان امريڪي ناظم الامور جي ملاقات: خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ، پاڪستان، امريڪا سان پائيدار لاڳاپن ۽ روايتي رابطن جو خواهشمند آهي،

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر باجوه سان امريڪي ناظم الامور انجيلا ايگلر ملاقات ڪئي، ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون، ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ افغان صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته افغان عوام جي اقتصادي بهتري لاءِ اثرائتين ڪوششن جي ضرورت آهي، دنيا افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. پاڪستان، امريڪا سان پائيدار لاڳاپن ۽ روايتي رابطن جو خواهشمند آهي.

امريڪي ناظم الامور افغان صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪندي چيو ته امريڪا اسلام آباد سان لاڳاپن کي هٿي ڏئي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔