موجودهه حڪومت اڄ سڄي ملڪ تي ڳرو بار بڻجي وئي آهي: شھباز شريف

اسلام آباد: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، هاڻي مهانگائي جي طوفان جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو، مهانگائي سبب ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان ٿي ويا آهن،

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو ته ، مديني جي رياست ۾ ڪير به رات جو بُک تي نه سُمهندو هئو ۽ سڀني جي حق محفوظ هئا پر موجودهه حڪومت اڄ سڄي ملڪ تي ڳرو بار بڻجي وئي آهي.مديني جي رياست جونالو وٺندڙن عوام کي مهانگائي جي طوفان ۾ ٻوڙيو آهي.

بجيٽ تي تنقيد ڪندي شهباز شريف چيو ته ، پي ٽي آءِ حڪومت جي پيش ڪيل بجيٽ فراڊ تي ٻڌل هئي، هڪ کان پوءِ هڪ مني بجيٽ اچي رهي آهي، پيٽرول ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ 10 کان 12 روپيا اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته بجلي جا بل عوام تي بجلي بڻجي ڪِرِي رهيا آهن.

هُن چيو ته عمران خان اِهو به چيو هو ته جيڪڏهن ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جو قدر هڪ روپيو گهٽ ٿي وڃي ته اُها حڪومت ۽ وزيراعظم چور آهي، جيڪڏهن دوائن جي قيمت ۾ 500 سيڪڙو اضافو ٿي وڃي ته اوهان ٻڌايو حڪومت کي ڇا چونداسين، جيڪڏهن ڊالر روپئي جي مقابلي ۾ 40 سيڪڙو مٿي هليو وڃي ته هِنَ حڪومت جي باري ۾ اوهان ڇا چوندا.

اپوزيشن ليڊر چيو ته ، ملڪ جو ٻچو ٻچو شاهدي ڏئي رهيوآ هي ته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪي 74 سالن جي بدترين حڪومت آهي. جنهن عوام کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي، مهانگائي خلاف ملڪگير احتجاج ڪرڻا پوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔