ڏکڻ وزيرستان ۾ دھشتگردن جو حملو: سيڪيورٽي فورسز جو اھلڪار شھيد

ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اپن وام ۾ دھشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي فارئنگ سان سيڪيورٽي اھلڪار شھيد ٿي ويو

پاڪ فوج جي اداري انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ دھشتگردن جي فائرنگ جو تڪڙو ۽ ڀرپور جواب ڏنو

آءِ ايس پي آر موجب دھشتگردن سان ڏي وٺ ۾ سپاھي سيف اللہ شھيد ٿي ويو، 25 سالن جي شھيد سپاھي سيف اللہ جو تعلق ڪرڪ سان آھي

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تھ علائقي ۾ دھشتگردن جي خاتمي جي لاءِ ڪليئرنگ آپريشن جاري آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔