پي ڊي ايم مئل هاٿي آهي، ٿڪيل اپوزيشن هيل تائين ڪوبه فيصلو ناهي ڪري سگهي: شيخ رشيد

اسلام آباد: پي ڊي ايم مئل هاٿي آهي، ٿڪيل اپوزيشن هيل تائين ڪوبه فيصلو ناهي ڪري سگهي، گذريل ڊسمبر ۾ حڪومت کي گهر موڪلي رهيا هئا پر ٻيو ڊسمبر اچي ويو،

مهانگائي خلاف چيمپئن بڻجڻ جي ڪوشش ڪندڙ سڀ کان وڏا چور آهن: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جا اپوزيشن کي مهڻا، ملڪ ۾ مهانگائي جو اعتراف ڪيو پر ذميواري ماضي جي حڪومت مٿان وجهي ڇڏي،

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مريم نواز ادارن خلاف ڳالهائي پاڻ لاءِ کڏ کوٽي رهي آهي، جنهن جا اثر دير تان رهندا، بلاول ڀلي ڪجهه به ڳالهائي، کيس 7 سياسي خون معاف آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔