وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو اين سي او سي هيڊڪوارٽرز جو دورو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اين سي او سي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو.

اين سي او سي طرفان جاري ٿيل پڌرنامي موجب وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي اين سي او سي هيڊڪوارٽرز جو دوري دوران ڪورونا جِي روڪٿام ۽ تازي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي.

وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي ڊي جي اين سي او سي ميجر جنرل آصف محمود گورايا آگاهي ڏني.

اين سي او سي موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته، اين سي او سي ڪورونا وائرس خلاف قومي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڪورونا جِي پکيڙ روڪڻ ۾ صوبائي حڪومتن به سهڪار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔