لاپتا ماڻهن جي وارثن جون عدالت ۾ دانهون، پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي: لاپتا ماڻهن جي ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ جي آءِ ٽي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لاپتا ماڻهن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران گم ٿيل ماڻهن جي وارثن عدالت ۾ دانهون ڪندا روئيندا رهيا.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته لاپتا ماڻهن جا وارث ڌڪا کائي کائي ٿڪجي پيا آهن، گم ٿيل شهري ملڪ ڇڏي ويا آهن يا ڪنهن حراستي مرڪز ۾ قيد آهن؟، پوڙهي عورت جي به ڪنهن کي فڪر نه آهي.

عدالت چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي ڏسي اسان کي به ڏک ٿئي ٿو.

عدالت پوليس ۽ ٻين ادارن کان اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔