وزيراعظم عمران خان پارلياماني پارٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو هنگامي اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو هنگامي اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.
ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي شرڪت جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم اهم سياسي ۽ قومي معاملن تي پارٽي کي اعتماد ۾ وٺندو.
ذريعن ٻڌايو آهي ته تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي ۽ ميمبرن جا ڏوراپا سامهون آيا آهن. وزيراعظم آفيس طرفان سمورن قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي ٽيليفون ڪري پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ فوري طور تي پهچڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن جنهن تي ميمبرن چيو آهي ته پنهنجن تڪن ۾ آهيون ايتري جلدي ڪيئن پهچنداسين ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جلد کان جلد پهچي وڃون.
ذريعن موجب پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ميمبرن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ڪجهه دير ۾ شروع ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔