ڄام ڪمال وڏ وزارت بچائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ملاقاتون تيزڪري ڇڏيون

ڪراچي: بلوچستان جي حڪمران پارٽيءَ ۾ اختلاف وڌي وڃڻ بعد پيدا ٿيل سياسي ۽ انتظامي بحران برقرار، ڄام ڪمال وڏ وزارت بچائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ملاقاتون تيز ڪري ڇڏيون، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ٿي، صوبي جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون

وزيراعظم سان ملاقات بعد ڄام ڪمال چيو آهي ته استعيفيٰ جي ڳالهه ئي نه آهي ته وڏ وزارت تان ڇو استعيفيٰ ڏيان، انشاءَ الله بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿيندي، رِٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ سٺي ڳالهه آهي

ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو، وزيراعظم جي پارليامينٽ هائوس ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سان ملاقات به شروع ٿيڻ واري آھي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري معاملي تي اعتماد ۾ وٺندو، ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔