هريپور ۾ ڄاڃين جي گاڏي حادثي جو شڪار، گهوٽ سميت5 ڄڻا فوت

هريپور:غازي جي علائقي خالو ۾ ڄاڃين جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن ۾ گهوٽ سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب هريپور جي علائقي غازي ويجهو خالو ۾ ڄاڃين جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ سميت 5 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.
ڄڃ غازي کان آزاد ڪشمير وڃي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ۽ پوليس جون ٽيمون حادثي واري جڳهه تي پهچي ويون. لاشن ۽ زخمين کي حويلي ڪهوٽه اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوت ٿي ويلن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.
خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته گهوٽ خواجه مبشر ۽ ان جو والد خواجه منير هريپور جي علائقي خالو ۾ ڪافي وقت کان رهندڙ هئا ۽ حويلي ڪهوٽه ۾ ڄڃ وٺڻ لاءِ ويا هئا. فوت ٿي ويلن ۾ گهوٽ، ان جو پيءُ، ڏاڏو، جڏهن ته گهوٽ جو چاچو به شامل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔