ڪورونا سبب وڌيڪ 28 مريض فوت، هڪ هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 28 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 201 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 61 هزار 685 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 28 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 37 هزار 32، سنڌ ۾ 4 لک 64 هزار 142، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 76 هزار 366، بلوچستان ۾ 33 هزار 100، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 361، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 312، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 32 هزار 372 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.
سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 45 هزار 9 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47 هزار 934 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 93 هزار 175 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 2 هزار 19995 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 28 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 201 ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ 12 هزار 808، سنڌ ۾ 7 هزار 514، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 666، اسلام آباد ۾ 935، بلوچستان ۾ 352، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 740 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔