گوجره موٽر وي تي ڪار ۾ ناري سان مبينه اجتماعي زيادتي، هڪ جوابدار گرفتار

ملتان: ملتان فيصل آباد موٽر وي(ايم 4) تي ناري کي مبينه طور تي ڪار ۾ اجتماعي زيادتي جو نشانو بنايو ويو. رپورٽ موجب گوجره سٽي ٿاڻي ۾ 18 سالا ناري کي بوتيڪ تي نوڪري جو آسرو ڏئي گهرائڻ کان پوءِ اجتماعي زيادتي جو نشانو بنائڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.
شاهين اختر نالي عورت جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾ حماد، رحمان ۽ لانبه نالي 3 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب منهنجي 18 سالا ڀاڻيجي کي موبائيل فون تي ميسيج آيو ته هڪ بوتيڪ ۾ نوڪري جي لاءِ کيس گوجره اچڻو پوندو جتي ان جو انترويو ورتو ويندو جنهن کان پوءِ ناري ٻڌايل جڳهه تي پهتي ته لانبه نالي عورت کيس چيو ته هو اسان سان گڏ گاڏي تي هلي انٽرويو وٺڻ کان پوءِ کيس واپس اتي ڇڏي وينداسين. جنهن کان پوءِ ٽئي ڄڻا ناري کي موٽر وي ذريعي فيصل آباد کڻي ويا.
گاڏي ۾ ئي 2 ڄڻن ناري کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بنايو. جنهن کان پوءِ جوابدار ناري کي گوجره انٽر چينج تي ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ناري جو ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ڊي اين اي جا نمونا به ورتا ويا آهن. زيادتي جي ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.
پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزردار ناري سان مبينه اجتماعي زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي جلد کان جلد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔