نيب ٽيم سراج دراني کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ 15 ڪلاڪن بعد هلي وئي

ڪراچي: قومي احتساب بيورو (نيب) جي ٽيم سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ 15 ڪلاڪن کانپوءِ واپس موٽي وئي.

نيب جي ٽيم گذريل ڏينهن شام جو 4 وڳي ڪراچي ۾ آغا سراج دراني جي گرفتاري لاءِ ڊفينس ۾ ان جي گهر پهتي هئي پر سراج دراني جا ماڻهو ۽ ذاتي ملازم ڪالهه کان وٺي مزاحمت ڪندا رهيا ۽ نيب جي ٽيم کي سراج دراني کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهر اندر وڃڻ نه ڏنو.

نيب اهلڪار سڄي رات سراج دراني جي گهر ٻاهران موجود رهيا ۽ سراج دراني جي ماڻهن به صبح جو ناشتو گهر ٻاهران ڪيو پر نيب جي ٽيم کي گهر اندر وڃڻ نه ڏنو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي.

عدالت پنهنجو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو هو ته سراج دراني جي آمدني ۽ ان جي اثاثن ۾ هڪ ارب 61 روپين جو فرق آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔