ورزش ذريعي ڪينسر جو علاج ممڪن: تحقيق

ورزش هڪ اهڙي صورتحال آهي جنهن جي مدد سان ڪينسر جهڙي موذي مرض مان به جند آجي ڪري سگهجي ٿي.
ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪينسر جا مريض علاج دوران ورزش به ڪندا رهن ته انهن جي صحيح ٿيڻ جا امڪان گهڻا وڌي ويندا آهن.
ماهرن ڪينسر جي 10 مريضن کي 12 هفتن جي لاءِ ورزش ڪرڻ واري عمل مان گذاريو جنهن کانپوءِ اهڙا نتيجا ڪڍي ويا آهن.
ان تحقيق مان مليل شاهدين مان خبر پئي ته ورزش سان انساني جسم ۾ ميوڪائنز پروٽين جي نيڪالي تيز ٿي ويندي آهي جنهن سان ڪينسر جون ڳوڙهيون سُڪڻ شروع ٿي وينديون آهن.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ميوڪائن جي نيڪالي ڪينسر کي روڪڻ سان گڏ ان کي فهلجڻ کان به روڪي ٿو، ٽن مهينن جي ورزش کان ان جا سٺا نتيجا ملندا آهن جنهن جي تصديق رت جي ٽيسٽ ۾ ٿي آهي.
ماهرن موجب اهي ميوڪائنز ڪينسر جي سيلن کي ماريندا ناهن پر جسم جي ٻين سيلن کي ڪينسر جي ڳوڙهن کي ختم ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔