ڀارت خلاف ڪاميابي لاءِ جاويد ميانداد جي قومي ڪرڪيٽرن کي اهم صلاح

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ڪاميابي لاءِ پاڪستان کي اهم صلاح ڏئي ڇڏي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ سڀني ٽيمن طرفان تياريون زور شور سان جاري آهن ۽ ميگا ايونٽ ۾ سڀ کان وڏو پاڪ – ڀارت دنگل 24 آڪٽوبر تي دبئي ۾ ٿيندو.
ان حوالي سان قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ بيٽسمين جاويد ميانداد پاڪستان کي صلاح ڏيندي چيو آهي ته ڀارت خلاف ڪاميابي لاءِ مستقل مزاجي جي ضرورت آهي.
هن چيو ته ڀارت خلاف هر رانديگر کي پنهنجي ذميواري جو احساس ڪرڻو پوندو، ضروري ناهي ته هڪ ئي رانديگر ڪارڪردگي ڏيکاري.
سندس موجب ٻه ٽيمون مقابلو ڪنديون آهن ته ڪنهن هڪ جي ڪاميابي ٿيندي آهي، ڪاميابي لاءِ هڪ ٽيم جي حيثيت سان کيڏڻو پوندو آهي.
جاويد ميانداد وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ اڳ ۾ پئسو پوءِ جي ڳالهه آهي، رميز راجا پئسي بجاءِ ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي، ڪاميابي جو سلسلو هلي پيو ته پئسو پاڻ ئي اچڻ شروع ٿي ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔