والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جاري، وڌيڪ ٽي ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر: ڀارتي فوج والاريل وادي ۾ ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪندي وڌيڪ 3 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جو نه رڪجڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ هڪ دفعو ٻيهر قابض فوج جي ظلمن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا. جنهن کان پوءِ گذريل 2 ڏينهن جي دوران شهيد نوجوانن جو انگ 5 ٿي ويو آهي. ڀارتي فوج ضلعي شوپيان ۾ سرچ آپريشن دوران فائرنگ ڪري وڌيڪ 3 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. آپريشن جي دوران قابض فوج چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پامال ڪيو ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ويا. جڏهن ته علائقي ۾ آپريشن اڃان تائين جاري آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران فائرنگ ڪري 2 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔