جاپان چهري کي مڪمل طور ڍڪيندڙ دلچسپ چشمو تيار ڪري ورتو

ٽوڪيو: ڪافي ماڻهو منهن کي اُس کان بچڻ لاءِ رومال يا ماسڪ جو استعمال ڪندا آهن پر جاپان جي هڪ ڪمپني ان جو به حل ڳولي ورتو آهي. جاپاني ڪمپني هڪ اهڙو چشمو تيار ڪيو آهي جيڪو نه صرف اوهان جي اکين پر اوهان جي مڪمل چهري کي به ڍڪي ڇڏيندو آهي.
جاپان جي ڪمپني زيڊ جي ايڇ وائي بي ڊي دلچسپ ۽ مضبوط چشمو پولي ڪاربونيٽ پلاسٽڪ سان تيار ڪيو آهي جنهن جي ڊيگهه 16.5 سينٽي ميٽر ۽ ويڪر 14.2 سينٽي ميٽر آهي. ڪمپني موجب اهو منفرد چشمو صارفين کي سج جي روشني سان گڏ الٽرا وائليٽ شعائن کان به بچائيندو آهي. جڏهن ته ان کي پائيندڙ چهري کي اُس ۽ مٽيءَ کان به بچائي سگهي ٿو.
ان کان علاوه ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان چشمي کي پائي صارفين کي ڏسڻ م ڪابه پريشاني نه ايندي. هن دلچسپ چشمي جي قيمت 18 هزار ڊالر يعني(3 هزار پاڪستاني) روپين کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته هن چشمي کي صارفين جاپان جي ايمازون ويب سائٽ تان خريد ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔