جاسوسي ڪئي پئي وڃي: آريان کي گرفتار ڪندڙ آفيسر سيڪيورٽي گهري ورتي

ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪار شاهه رخ خان جي پٽ آريان کي منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪندڙ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي) جي زونل ڊائريڪٽر سميروانکهيڊي طرفان سنگين انڪشاف ڪيا ويا آهن.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سميروانکهيڊي پوليس کي شڪايت ڪئي آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ان جو پيڇو ڪيو پيو وڃي. سمير وانکهيڊي ان جي جاسوسي جي شڪايت ممبئي جي اوشيوارا پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪرائي آهي پر واقعي جا وڌيڪ تفصيل سامهون ناهن اچي سگهيا.
سمير وانکهيڊي چيو آهي ته پنهنجي والده جي قبر تي قبرستان ويندي احساس ٿيو ته ڪو منهنجي پٺيان اچي رهيو آهي. مون کي شڪ آهي ته منهنجي جاسوسي ڪئي پئي وڃي. اين سي بي آفيسر دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس جي ٻن آفيسرن سان گڏ ٻه ڄڻا وڌيڪ سندس قبرستان وڃڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به گڏ کڻي ويا.
ڀارتي ميڊيا چيو آهي ته سمير وانکهيڊي پنهنجي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ پوليس کي ثبوت به پيش ڪيا آهن. هن پنهنجي ۽ گهر ڀاتين لاءِ سخت سيڪيورٽي ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔