شاهد خاقان عباسي نيب ترميمي آرڊيننس کانپوءِ ايل اين جي ريفرنس خارج ڪرڻ جِي استدعا ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي نيب ترميمي آرڊيننس کانپوءِ ايل اين جي ريفرنس خارج ڪرڻ جِي استدعا ڪري ڇڏي آھي، اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران بيرسٽر ظفر الله چيو ته آرڊيننس کانپوءِ نيب ۽ احتساب عدالت جا اختيار ختم ٿي ويا، نيب ايل اين جِي ريفرنس ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته ڪابينا فيصلن کي مليل ڇوٽ 6 آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندي. شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب آرڊيننس کي عدالت ۽ سينيٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو، ملڪي مسئلا ۽ عوام جي تڪليف وڌي رهي آهي پر حڪومت کي پرواهه ناهي، حڪمرانن جو ڌيان رڳو اِن ڳالهه تي آهي ته نيب چيئرمين جي ملازمت جو مدو ڪيئن وڌائجي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ڊي ايم جو فيصل آباد ۾ جلسو 16 آڪٽوبر تي ٿيندو، 18 آڪٽوبر تي سربراهي اجلاس طلب ٿيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔