ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ گھٽتائي ۽ ڊينگي وائرس جي ڪيسز ۾ واڌ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪيسز ۾ گھٽتائي ۽ ڊينگي وائرس جي ڪيسز ۾ واڌ ٿي وئي آھي، پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي سان گھٽتائي اچي رھي آھي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مثبت ڪيسز جي شرح ٽن مھينن جي گھٽ ترين سطح رڪارڊ ڪئي وئي آھي. ڪورونا ويب موجب گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي 42476 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 689 ماڻھن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي، جڏھن تھ وائرس سبب 18 ماڻھو فوت ٿي ويا. ملڪ ۾ ڊينگي ڪيسز ۾ لاڳيتو واڌ ٿي وئي آھي، پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 262 ڪيس رپورٽ ٿيا، رڳو لاهور مان 184 ڪيس سامهون آيا، اسلام آباد 24 ڪلاڪن دوران 124 شهري بيمار ٿي ويا، پشاور جي 3 سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا 97 مريض داخل، سنڌ ۾ ڪراچي جو سينٽرل ۽ مٽياري ضلعا ڊينگي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔