ڪراچي ۾ ڊينگيءَ جو زور، اهم هدايتون جاري

ڪراچي جي ڪمشنر شهر ۾ ڊينگي وائرس پکڙجڻ جي خدشي کي ڏسندي لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ڪراچي جي ڪمشنر صحت کاتي، بلديه عظميٰ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي ڊينگي خلاف وقت تي قدمن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي به ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ڪمشنر هدايتن ۾ چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر ڊينگي کان بچاءَ لاءِ ترجيحي قدم کڻن، صحت کاتو، بلديه عظميٰ لاڳاپيل کاتن جي سهڪار سان گڏيل ڪوششون ڪن، ٽائر شاپس، اڏاوتي جاين، سوئمنگ پولز، نرسرين ۽ ٻين ڊينگي مڇر جي بريڊنگ جاين تي خاص طور اسپري به ڪيو.
محمد اقبال ميمڻ فوري طور تي ڊينگي خلاف مهم شروع ڪرڻ لاءِ اسپري مهم شروع ڪرڻ ۽ مڇر پيدا ٿيڻ جا ذريعا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
واضح رهي ته سانوڻي جي مينهن ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ سبب مڇرن جي واڌ ويجهه ٿيندي آهي، جنهن جي چڪڻ سان ڊينگي وائرس پکڙجندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔