مٺاڻ جا شوقين هوشيار ٿين!

جيڪڏهن توهان کي مٺاڻ کائڻ گهڻو پسند آهي ۽ توهان اهو سوچيندا آهيو ته مٺاڻ کائڻ سان صحتمند رهندا ته توهان بلڪل غلط سوچيندا آهيو.
تازو ٿيل هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته گهڻي مٺاڻ کائڻ سان ذيابطيس جو مسئلو ته جنم وٺي ئي سگهي ٿو پر گهڻي مقدار ۾ مٺاڻ کائڻ ڪينسر سٽيل خلين جي انگ گهڻو وڌي ويندو آهي.
تحقيق موجب عام خليا آڪسيجن کي جسماني توانائي جي لاءِ گلوڪوز ۾ بدلائيندا آهن، پر ڪينسر سٽيل خليا کنڊ مان حاصل ٿيندا آهن ۽ ڪينسر جي ڳوڙهن جي واڌ ويجهه کي تيز ڪري ڇڏيندا آهن.
ان حوالي سان سائنسدانن چيو ته اهو انگ ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ وڌي ويندو، مطلب ته 2040 تائين ان ۾ 50 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.
سائنسدانن چيو ته صحتمند طرز زندگي سان ان خطرناڪ مرض جو خطرو گهٽائي سگهجي ٿو ۽ ان جي شروعات غذا سان ڪري سگهجي ٿي.
مطلب ته اهڙن غذائن جو استعمال نه ڪيو وڃي جيڪي فراسس فوڊ ۾ شمار ٿين ٿيون جهڙوڪ ريفائن اجناس، اڇي ڊبل روٽي، اڇا چانور بيڪري جو سامان وغيره.
انکانسواءِ کنڊ مان ٺهيل مٺين شين، پراسيس گوشت ۽ الڪوحول وغيره.
ان حوالي سان ڪيتريون ئي تحقيقون به ڪيون ويون تنهن هوندي به تازي رسرچ ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ڪجهه کاڌن جو استعمال گهٽائي ڪينسر جو شڪار بڻجڻ جا خطرا گهٽائي سگهجن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔