ڊاڪٽر عبدالقدير جي لاڏاڻي تي صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران تعزيت جو اظهار

صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايٽمي سائنسدان جي وفات تي افسوسو جو اظهار ڪندي ٽويٽ ڪيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسسو ٿيو، 1982 کان ڊاڪٽر عبدالقدير کي ذاتي طور تي سڃاڻان ٿو، ايٽمي هٿيارن جي حوالي سان قوم ان جي خدمتن کي ڪڏهن به نه ويساريندي. محسن پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم عمران خان سوشل ميديا تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان کي ايٽمي رياست بڻائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي ڪري پاڪستاني قوم هن کان بي پناهه محبت ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير اسان کي هڪ جارحاڻو ايٽمي قوت رکڻ واري پاڙيسري ملڪ کان تحفظ فراهم ڪيو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستانين جي لاءِ قومي هيرو جي حيثيت رکندو هو. عمران خان پنهنجي ٽويٽ ۾ وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير جي تدفين ان جي خواهش موجب فيصل مسجد ۾ ڪئي ويندي. ڊاڪٽر عبدالقديرخان جي لاڏاڻي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڊاڪر عبدالقدير خان پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون، الله تعاليٰ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي درجن کي بلند ڪري. ن ليگ جي نائب صدر ۽ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ڊاڪٽر عبدالقدير جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ٽويٽ ڪيو ته اڄ قوم هڪ سچي محسن کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن دل ۽ جان سان وطن ماءُ جي خدمت ڪئي. شهباز شريف ڊاڪٽر عبدالقدير کي ملڪ جي لاءِ هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔