قائد اعظم پاڪستان ٺاهيو پر ڊاڪٽر قدير پاڪستان کي محفوظ بڻايو: سراج الحق

ڪراچي: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قائد اعظم پاڪستان بڻايو پر ڊاڪٽر قدير پاڪستان کي محفوظ بڻايو. محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته ملڪ ۽ قوم اڄ پنهنجي پاڪستان جي محسن کان محروم ٿي ويا آهن. سراج الحق جو چوڻ هو ڊاڪٽر عبدالقدير خان صرف هڪ سياستدان ئي نه پر هڪ ليکڪ، عالم ۽ قوم جو ڏک سور رکڻ وارو با عمل مسلمان هو، هن جي لاڏاڻي تي نه صرف پاڪستان پر پوري امت مسلمه جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔