ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي زندگي تي هڪ نظر

ڪراچي: ڊاڪٽر عبدالقدير خان 1936 ۾ ڀارت جي شهر ڀوپال ۾ پيدا ٿيو ۽ هندستان جي تقسيم کانپوءِ 1947 ۾ پنهنجي گهر ڀاتين سان هجرت ڪري پاڪستان آيو ۽ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ڊاڪٽر عبدالقدير خان انجنيئرنگ جي ڊگري 1967 ۾ نيدرلينڊ جي هڪ يونيورسٽي کان حاصل ڪئي، هن بيلجيئم جي هڪ يونيورسٽي کان ميٽلر جيڪل انجنيئرنگ ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي، ان کانپوءِ ايمسٽرڊيم ۾ فزيڪل ڊائنامڪس ريسرچ ليباريٽري جوائن ڪئي. 28 مئي 1998 ۾ پاڪستان ڀارتي ايٽم بم جي تجربي کانپوءِ ڪامياب تجربو ڪيو، جنهن جي نگراني ڊاڪٽر قدير خان ئي ڪئي هئي.پاڪستان جي ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پهرين پاڪستاني آهي جنهن کي ٽن صدارتي ايوارڊز سان نوازيو ويو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ٻه ڀيرا نشان امتياز به ڏنو ويو، ان کان علاوه هن کي هلال امتياز سان به نوازيو ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔